( سبق ٻيون ) ( ڳالھائڻ جا لفظ) ( (Parts of Speech 1. اسم (Noun) 2. ضمير (Pronoun) 3. صفت (Adjective) 4. فعل (Verb) 5. ظرف (Adverb) 6. حرف جر (Preposition) 7. حرف جملو (Conjunction) 8. حرف ندا (Interjection) 1. اسم (Noun) اسم عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “نالو”. ڪنهن ماڻهوءَ، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جي نالي کي اسم چئبو آهي . مثال : اڪبر، ڪرسي، اسڪول، لکت، اميري، هوشياري وغيره 2. ضمير (Pronoun) ضمير معنى “عيوضي”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جي بدران ڪم اچن تن کي ضمير چئبو آهي . مثال : مان، تون، توهان، اوهان، هِن، هُن، اسان، اسين وغيره . 3. صفت (Adjective) صفت معنى ساراهه. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو گڻ ، او گُڻ، انداز، مقدار يا رنگ ٻڌائن تن کي صفت چئبو آهي . مثال: سٺو، هوشيار، جڏو، چالاڪ، ننڍو، وڏو، اٺ، نُوُ، ڪجھ، گھٽ، وڌ، ٿورو، گھڻو وغيره . 4. فعل (Verb) فعل معنى “ڪم”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو، ضمير جو ڪم ي...
This blog is specially created for students who need important mcqs for preparation.
Comments
Post a Comment