(سبق پھريون)
گرامر ڇا آھي؟
ڪنھن بہ ٻوليءَ کي درست نموني لکڻ، سمجھڻ ۽ ڳالھائڻ جي اصولن ۽ قاعدن کي گرامر چئبو آھي.
اکر
الف، ب جي ٻاونجاھ نشانين مان ھر ھڪ نشانيءَ کي اکر چئبو آھي.
مثال: ا، ب، ج، ڪ، ط، غ وغيرہ
نوٽ: اکرن جا ٻہ قسم آھن.
1) حرف صحيح
الف، و ۽ ي اھي 3 حرف علت آھن، باقي 49 اکر حرف صحيح آھن.
2) حرف علت
اھي حرف جي حرف صحيح جي پٺيان اچي آواز پيدا ڪن انھن کي حرف علت چئبو آھي.
لفظ:
ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ اکرن جي ملڻ سان لفظ ٺھي ٿو.
(گ ر ا م ر)
جيئن مٿين اکرن کي ملائڻ سان لفظ گرامر ٺھيو.
مثال: امتحان، ڪتاب، ڪاميابي، صحت، دوست وغيرھ.
جملو:
لفظن جو اھڙو ميڙ جنھن مان پورو مطلب يا معني نڪري ان کي جملو چئبو آھي.
مثال:
1) احمد ھڪ سٺو ڇوڪرو آھي.
2) امجد پڙھائي ڪري ٿو.
نوٽ: ھن بلاگ تي روزانہ جي بنياد تي گرامر جي مطابق پوسٽ ڪئي ويندي. وزٽ ڪندا رھو. (مھرباني)
Good effort
ReplyDelete