Skip to main content

(ڳالھائڻ جا لفظ) (Parts of Speech)

 

 
(سبق ٻيون)

(ڳالھائڻ جا لفظ)( (Parts of Speech

 

1. اسم (Noun)

2.ضمير (Pronoun)

3. صفت (Adjective)

4. فعل (Verb)

5. ظرف (Adverb)

6. حرف جر  (Preposition)

7. حرف جملو  (Conjunction)

8. حرف ندا (Interjection)

 

1. اسم (Noun)

 

اسم عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “نالو”. ڪنهن ماڻهوءَ، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جي نالي کي اسم چئبو آهي.

مثال:

اڪبر، ڪرسي، اسڪول، لکت، اميري، هوشياري وغيره

 

2. ضمير (Pronoun)

ضمير معنى “عيوضي”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جي بدران ڪم اچن تن کي ضمير چئبو آهي.

مثال:

مان، تون، توهان، اوهان، هِن، هُن، اسان، اسين وغيره.

3. صفت (Adjective)

        صفت معنى ساراهه. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو گڻ ، او گُڻ، انداز، مقدار يا رنگ ٻڌائن تن کي صفت چئبو آهي.

مثال:

سٺو، هوشيار، جڏو، چالاڪ، ننڍو، وڏو، اٺ، نُوُ، ڪجھ، گھٽ، وڌ، ٿورو، گھڻو وغيره.

 

 

 

4. فعل (Verb)

فعل معنى “ڪم”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو، ضمير جو ڪم يا عمل ظاهر ڪن ته ان کي فعل چئبو آهي.

مثال:

آيو، ويو، لکيو، پڙهيو، ڪيو، ماريو وغيره.

 

5. ظرف (Adverb)

ظرف معنى ”ٿانءُ“. اهڙا لفظ جيڪي اسم جي صفت، فعل يا ٻئي ظرف سان شامل ٿي ان جي ريت قدر، انداز، هاڪار ۽ ناڪار ۽ وقت ظاهر ڪن تن کي ظرف چئبو آهي.

مثال:

آهستي، ڪالهه، جيڏانهن، تيڏانهن، اڄ، سڀاڻي،تيز، هائو، نه هيٺ، مٿي وغيره.

 

6. حرف جر  (Preposition)

حرف جر معنى “ڪشش يا ڇڪ”. اهڙا لفظ جيڪي جملي ۾ اسم يا ضمير جي پٺيان ڪم اچن. ان جو تعلق جملي جي پوئين اسم يا ضمير سان ڏيکاريندا آهن.

مثال: جو، جا، جون، سان، جي، کي، ۾ وغيره.

 

7. حرف جملو  (Conjunction)

اهڙا لفظ جيڪي ٻن لفظن، ٻن جملن يا جملي جي ٻن حصن کي پاڻ ۾ ملائن ته انهن کي حرف جملو چئبو آهي

مثال: مگر، ته، اگر، پر، به، پڻ، يا، اگر وغيره.

 

8. حرف ندا (Interjection)

ندا جي معنى “سڏ يا دانهن”. اهڙا لفظ جن مان ڏک، خوشي، دل جا اڌما، حيرت،عجب،ڌڪاء، احساسات ۽ جذبات جو اظهار ڪري سگھجي ته ان کي حرف ندا چئبو آهي.

مثال:

او، ڙي، افسوس، واهه واهه، گھوڙا ڙي، ڪاش، جيڪر وغيره 

 


Comments

Popular posts from this blog

گرامر ڇا آھي؟

  ( سبق پھريون ) گرامر ڇا آھي؟ ڪنھن بہ ٻوليءَ کي درست نموني لکڻ، سمجھڻ ۽ ڳالھائڻ جي اصولن ۽ قاعدن کي گرامر چئبو آھي.   اکر الف، ب جي ٻاونجاھ نشانين مان ھر ھڪ نشانيءَ کي اکر چئبو آھي. مثال:   ا، ب، ج، ڪ، ط، غ   وغيرہ نوٽ: اکرن جا ٻہ قسم آھن. 1) حرف صحيح الف، و ۽ ي اھي 3 حرف علت آھن، باقي 49 اکر حرف صحيح آھن. 2) حرف علت           اھي حرف جي حرف صحيح جي پٺيان اچي آواز پيدا ڪن انھن کي حرف علت چئبو آھي. لفظ:           ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ اکرن جي ملڻ سان لفظ ٺھي ٿو. (گ ر ا م ر)           جيئن مٿين اکرن کي ملائڻ سان لفظ گرامر ٺھيو. مثال:   امتحان، ڪتاب، ڪاميابي، صحت، دوست وغيرھ. جملو:           لفظن جو اھڙو ميڙ جنھن مان پورو مطلب يا معني نڪري ان کي جملو چئبو آھي. مثال: 1) احمد ھڪ سٺو ڇوڪرو آھي. 2) امجد پڙھائي ڪري ٿو.     نوٽ: ھن بلاگ تي ر...

MS Office 2007 (Keyboard Shortcuts Keys)

MS OFFICE 2007 (KEYBOARD SHORTCUTS KEYS)   Press Ctrl + B = Bold Text Press Ctrl + I   = Italic Text Press Ctrl + U = Underline text Press Ctrl + Q = remove paragraph formatting Press Ctrl + C = copy selected text = the clipboard Press Ctrl + X = cut selected text = the clipboard Press Ctrl + V = paste text from clipboard Press Ctrl + Z = undo the last action Press Ctrl + Y = redo the last action Press Ctrl + Shift + < = decrease font size one point Press Ctrl + Shift + > = increase font size one point Press Ctrl + Spacebar = remove character formatting Press Ctrl + Shift + Spacebar = create a non-breaking space Press Ctrl + Hyphen = create a non-breaking hyph en Press Ctrl + Home = go to the start of the document Press Ctrl + End = go to the end of the document Function key Shortcuts Press F1 = access online Help Press F2 = move text or graphics Press F3 = insert an AutoText entry (after Word displa...