( سبق ٻيون ) ( ڳالھائڻ جا لفظ) ( (Parts of Speech 1. اسم (Noun) 2. ضمير (Pronoun) 3. صفت (Adjective) 4. فعل (Verb) 5. ظرف (Adverb) 6. حرف جر (Preposition) 7. حرف جملو (Conjunction) 8. حرف ندا (Interjection) 1. اسم (Noun) اسم عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “نالو”. ڪنهن ماڻهوءَ، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جي نالي کي اسم چئبو آهي . مثال : اڪبر، ڪرسي، اسڪول، لکت، اميري، هوشياري وغيره 2. ضمير (Pronoun) ضمير معنى “عيوضي”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جي بدران ڪم اچن تن کي ضمير چئبو آهي . مثال : مان، تون، توهان، اوهان، هِن، هُن، اسان، اسين وغيره . 3. صفت (Adjective) صفت معنى ساراهه. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو گڻ ، او گُڻ، انداز، مقدار يا رنگ ٻڌائن تن کي صفت چئبو آهي . مثال: سٺو، هوشيار، جڏو، چالاڪ، ننڍو، وڏو، اٺ، نُوُ، ڪجھ، گھٽ، وڌ، ٿورو، گھڻو وغيره . 4. فعل (Verb) فعل معنى “ڪم”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو، ضمير جو ڪم ي...
( سبق پھريون ) گرامر ڇا آھي؟ ڪنھن بہ ٻوليءَ کي درست نموني لکڻ، سمجھڻ ۽ ڳالھائڻ جي اصولن ۽ قاعدن کي گرامر چئبو آھي. اکر الف، ب جي ٻاونجاھ نشانين مان ھر ھڪ نشانيءَ کي اکر چئبو آھي. مثال: ا، ب، ج، ڪ، ط، غ وغيرہ نوٽ: اکرن جا ٻہ قسم آھن. 1) حرف صحيح الف، و ۽ ي اھي 3 حرف علت آھن، باقي 49 اکر حرف صحيح آھن. 2) حرف علت اھي حرف جي حرف صحيح جي پٺيان اچي آواز پيدا ڪن انھن کي حرف علت چئبو آھي. لفظ: ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ اکرن جي ملڻ سان لفظ ٺھي ٿو. (گ ر ا م ر) جيئن مٿين اکرن کي ملائڻ سان لفظ گرامر ٺھيو. مثال: امتحان، ڪتاب، ڪاميابي، صحت، دوست وغيرھ. جملو: لفظن جو اھڙو ميڙ جنھن مان پورو مطلب يا معني نڪري ان کي جملو چئبو آھي. مثال: 1) احمد ھڪ سٺو ڇوڪرو آھي. 2) امجد پڙھائي ڪري ٿو. نوٽ: ھن بلاگ تي ر...